اسلام آباد: حڪومتي اتحاد ۽ پي ڊي ايم شامل پارٽين پاران پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي  جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو، سمورا اتحادي سپريم ڪورٽ کان فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ جو مطالبو ڪندا، عمران خان جي نا اهلي سميت ڪارروائي لاءِ مختلف آپشنز تي غور، فيصلي تي وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ 2 ڪاميٽيون قائم، اڄ سفارشون طلب. ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ حڪومتي اتحادي ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جو سربراهي اجلاس ٿيو، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب مطابق اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم، پاڪستان مسلم ليگ (ق)، اي اين پي، بي اين پي، بلوچستان عوامي پارٽي سميت ٻين اتحادي پارٽين جا اڳواڻ به شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت آرمي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي 6 آفيسرن جي واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪرڻ سميت فاتحه خواني ۽ شهيدن جي خاندانن کي صبر عطا ڪرڻ لاءِ دعا گهري وئي، ذرين مطابق اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کان پوءِ مختلف آپشنن تي غور ڪيو ويو، ذريعن مطابق اجلاس ۾ عمران خان پاران ڪوڙو حلفي بيان ڏيڻ تي سندس خلاف آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت نااهلي جي ڪارروائي، پي ٽي آءِ تي پارٽي طور پابندي لاڳو ڪرائڻ جي آپشن تي به غور ڪيو ويو، ان حوالي سان ٻه ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ سياسي ڪاميٽي ۽ قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ قانوني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ٻنهي ڪاميٽين کي اڄ اربع ڏينهن 2 وڳي تائين سفارشون حڪمران اتحاد جي سربراهي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ قائم ڪاميٽي ۾ سيد نويد قمر، مريم اورنگزيب، رانا ثناءُ الله ۽ سردار اياز صادق کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ قائم قانوني ڪاميٽي ۾ فاروق ايڇ  نائيڪ، جي يو آءِ جو ڪامران مرتضيٰ ۽ رانا ثناءُ الله کي شامل ڪيو ويو آهي، حڪمران اتحاد جي سربراهي اجلاس ۾ اهو فيصلو ٿيو ته آيل فيصلي کي مثال بڻايو ويندو، ڪاميٽين جي رپورٽ بعد اربع ڏينهن وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي به غور ڪيو ويندو. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سمورا اتحادي سپريم ڪورٽ کان فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ جو مطالبو ڪندا.