لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي رهائش گاهه تي مقرر سيڪيورٽي جو نئين سر جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پوليس موجب اڳوڻي وزيراعظم جي رهائش گاهه تي 500 کان وڌيڪ اهلڪار مقرر آهن، پر عمران خان کي ڪيتري سيڪيورٽي ملڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ صوبائي انٽيليجنس ڪاميٽي ۾ معاملو رکيو ويندو ۽ ڪاميٽين جا نمائندا عمران خان کي ٿريٽ جي نشاندهي ڪندا. ڊسٽرڪٽ ۽ صوبائي انٽيليجنس ڪاميٽين طرفان نشاندهي ڪيل ٿريٽ پٽاندڙ ئي عمران خان کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوري طور زمان پارڪ جي سموري سيڪيورٽي واپس نٿي وٺي سگهجي، زمان پارڪ کي پيش خطرن جوجائزو وٺي سيڪيورٽي ۾ ڦيرڦار ڪئي ويندي.