ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تاريخي چوماسي ۽ ٻوڏ جو مقابلو ڪندا پيا اچون، پاڪستاني هن وقت ٻڏل آهن اڄ به سنڌ جا ڪيترا ضلعا پاڻي هيٺ آهي، اسان متاثرين جي مدد ڪري رهيا آهيون، آئون  ننڍي چونڊ مهم لاءِ ڪٿي  پهچي نه سگهيس ، اڄوڪي ننڍي چونڊ ۾ پ پ ۽ اسان جا اتحادي  ميدان ۾ آهن، جن کي ڪامياب ڪيو وڃي،ننڍي چونڊ ۾ درست ماڻهو نه آيا ته پارلياماني سال ضايع ڪرڻ برابر هوندو ڪالهه سي ايم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ هڪ شخص ( عمران خان ڏانهن اشارو) ڪراچي پهچي ساڳئي رٽ لڳائي ته لانگ مارچ کانپوءِ سنڌ کي آزادي ڏياريندو، انهي تي آئون ڇا چوان؟  سنڌ جا ماڻهو پنهنجن سياسي حقن سميت هر معاملي ۾ اڳڀرا رهيا آهن، سنڌ واسين ضياءُ ۽ مشرف کي جدوجهد ذريعي ڀڄايو،  عمران کي به سنڌ واسين اسلام باد تائين لانگ مارچ ڪري اقتدار مان ڪڍيو  آهي،  هن چيو ته ننڍي چونڊ ۾ چونڊجي ايندڙ ميمبر قومي اسيمبلي ۾ عوام جو آواز بڻجندو، جڏهن ته  عمران خان  ڀڄي ويندئو، اوهان جو مقصد رڳو عوام جي قسمت سان کيڏڻ آهي عوام پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جي اميدوار کي کٽرائي اسان کي موقعو ڏئي، اسان  سندن مسئلا حل ڪنداسين، چارسده ۽ ڪي پي ۾ لالٽين، ملير ۽ ڪورنگي ۾ تير کي ووٽ ڏنو وڃي. هن چيو ته عمران اڳ  لکين گهر ۽ ڪروڙين نوڪريون ڏيڻ جي ڳالهه تان ڦري  بيروزگاري پيدا ڪئي، هاڻ واضح ثبوت سامهون اچي چڪا آهن ته هي وڏو ڪوڙو آهي، هن چيو ته معاشي ترقي جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان  ملڪ کي مهانگائي جي سونامي ۾ وڌو ، هو لانگ  مارچ ذريعي ملڪ کي ساڳئي ناڪامي واري دور ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو؟  عمران تبديلي نه تباهي آندي ، اڄ هرصورت ۾هار عمران خان جي ئي ٿيندي، هن چيو ته ملالا يوسفزئي پاڪستاني آهي، اها جتي وڃڻ چاهي، وڃي سگهي ٿي، اسان سندس دوري کي سٺو عمل سمجهون ٿا، هن چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري بابت کيس خبر ناهي ۽ نه ئي انهي حوالي سان ساڻس ڪا مشاورت ٿي آهي، بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان ماضي ۾ به ملڪ جي ايٽمي اثاثن بابت غير ذميوار بيان ڏنا،  ڪڏهن ٻڌو آهي ته ڪنهن به ملڪ جواڳوڻو وزيراعظم پنهنجي ملڪ لاءِ چئي ته منهنجي سيٽ وڃڻ کان بهتر آهي ته ملڪ تي ايٽم بم ڪري، عمران خان جي دور ۾ پرڏيهي پاليسي کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهتو،  هن 18 هين ترميم کي ختم ڪري ملڪ کي پنهنجي آفيس مان هلائڻ پي چاهيو، ا هن چيو ته ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لانگ ٽرم، مڊٽرم ۽ شارٽ ٽرم پاليسي جوڙي آهي، جنهن تحت رٿيل ڪمن جي شروعات ڪنداسين.