لاهور(م ڊ) پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان  گورنمنٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور ۾ چانسلر طور  پي ٽي آءِ جي پروگرام جو نوٽيس ورتو آهي جڏهن ته مريم نواز پڻ وائس چانسلر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. لاهور جي گورنمنٽ ڪاليج يونيورسٽي جي وائس چانسلر پاڪستان تحريڪ انصاف کي تعليمي مرڪز ۾ جلسي جي اجازت ڏني هئي جنهن تي پنجاب جي گورنر نوٽيس ورتو آهي. پنجاب جي گورنر جو چوڻ آهي ته ملڪ جي نامياري تعليمي اداري کي سياسي ميدان بڻائڻ افسوس جوڳو عمل آهي، يونيورسٽي ۾ اهڙي قسم جي سياسي جلسن جي گنجائش ناهي. محمد بليغ الرحمان چيو ته ٻار اسان جو مستقبل ۽ قومي سرمايو آهن کين سياست ۾ گهلڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ان کان اڳ ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز ٽوئيٽ ۾ مطالبو ڪيو هو ته هڪ فتني کي ڪاليج جي احاطي ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي وائس چانسلر گورنمنٽ ڪاليج يونيورسٽي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته علم سکڻ واري جڳهه کي سياسي نفرت ڦهلائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ هڪ اهڙو ڏوهه آهي جنهن تي سزا ڏيڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ گهرجي.