اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ هيليڪاپٽر ڪيس ۾ عمران خان ڏي 7 ڪروڙ رپين جون رهتون رهيل هجڻ باوجود 9 تڪن تي عمران خان پاران چونڊ وڙهڻ تي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي ميمبرن سوال اٿاريندي اليڪشن ڪميشن کان سڀني سان برابري جو سلوڪ ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي،  پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت ۾ ٿيو، پي اين آر اي جي چيئرمين جي عدم شرڪت تي ڪاميٽي آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺڻ کان انڪار ڪندي کيس ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو آهي، ڪاميٽي چيئرمين چيو آهي ته اسان کي وردي جو رعب نه ڏيکاريو وڃي، اجلاس دوران پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي ميمبرن اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري کان سوال ڪندي چيو ته عمران خان 9 تڪن مان اليڪشن وڙهي رهيو آهي جنهن ڏي 7 ڪروڙ جون رهتون رهيل آهن، جن مختلف ادارن جي 1800 ماڻهن ڏي رهتون آهن انهن جي نيب لسٽ ٺاهي رهي آهي، تمام وزارتون ۽ ادارا جن ڏي رهتون آهن ان جون لسٽون اليڪشن ڪميشن کي موڪليندا، توهان بنا ڊڄڻ جي انهن کي نوٽيس موڪلجو، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين عمران خان جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هيليڪاپٽر ڪيس ۾ ان ڏي 7 ڪروڙ جون رهتون رهيل آهن ان کان رقم وٺي قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي، 2023ع جون عام چونڊون اچي رهيون آهن تمام انهن ماڻهن جن ڏي رهتون رهيل آهن انهن جو رڪارڊ رکيو وڃي، شاهده اختر علي چيو ته جيڪو شخص 9 تڪن تي چونڊ وڙهي رهيو آهي ان جو اسيمبلي ۾ اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڪاميٽي چيئرمين نور عالم خان چيو ته ڪجهه ماڻهو پاڪستان خلاف ڳالهائي رهيا آهن اسان کي انهن وانگر ناهي ڪرڻو، اسان ادارن سان گڏ بيٺل آهيون، اداري جي سربراهه خلاف ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي مذمت ڪريون ٿا، ڪاميٽي ميمبر برجيس طاهر چيو ته اليڪشن ڪميشن کان 2 سوال آهن ته فرق ڇو ڪيو پيو وڃي، آئون 9 ڀيرا چونڊ وڙهيو آهيان، جنهن دوران رٽرننگ آفيسر اهو چوندا رهيا آهن ته جن ڏي رهتون رهيل آهن اهو چونڊ نه ٿو وڙهي سگهي، عمران خان کي 7 ڪروڙ ڏيڻا آهن اهو چونڊن ۾ ڪامياب ٿئي يا هارائي ان جي نتيجن جو اعلان نه ٿيڻ گهرجي، عام ماڻهن لاءِ هڪ قانون ۽ عمران خان لاءِ ٻيو آهي، شيخ روحيل اصغر چيو ته جيڪي ڊڄن ٿا اهي ڪرسيون ڇڏي ڏين اهو ڪو طريقو ناهي، ڪاميٽي جي ميمبرن نواب شير وسير ۽ شيخ روحيل اصغر اجلاس دوران اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري پاران انگريزي ۾ ڳالهائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه اڻ پڙهيل ماڻهو به ويٺا آهن  پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين چيو ته پرويز رشيد کي رهتون رهيل هجڻ جي بنياد تي چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل ڪيو ويو، ڇا توهان سر ڦريل ماڻهو کي نوٽيس موڪليو آهي ان جو جواب ڏنو وڃي، جنهن تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته حڪومت اسان کي ان جي رهتن جو ڪو اطلاع ناهي ڏنو، قانونن ۾ نقصن کي بهتر ڪري رهيا آهيون، اليڪشن ڪميشن کي ذميوار قرار ڏيڻ درست ناهي، هڪ ماڻهو 9 تڪن تي چونڊ وڙهي رهيو آهي اها زيادتي آهي پر ان حوالي سان قانون خاموش آهي، اهو پيسي ۽ وقت جو زيان آهي، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جن ڏي رهتون رهيل آهن انهن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪندي چيو آهي ته آئيني ادرن خلاف ڳالهين کي برداشت نه ڪيو ويندو، فوج يا ان جي سربراهن خلاف تذليل وارا لفظ استعمال ڪرڻ وارن خلاف قانون سازي ڪئي وڃي.