اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله چيو آهي ته عمران خان واقعي بهادر اڳواڻ آهي ته گرفتاري ڏئي، نه ته هو هڪ خوفزده ۽ ڊڄڻو ليڊر آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ڪٿي آهي هڪ پاڪستان هڪ قانون ۽ قانون جي حڪمراني؟ گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڪارڪنن کي رياست، عدالت ۽ قانون جي خلاف بغاوت تي ڀڙڪائي رهيو آهي، توهان زمان پارڪ کي رياست خلاف رياست ڊڪليئر ڪيو آهي، عدالت کي گهرجي ته عمران خان کي ڪنهن قسم جي رعايت نه ڏني وڃي، هن چيو ته نواز شريف، مريم نواز، شهباز شريف، آصف زرداري، فريال ٽالپر گرفتار ٿي سگهن ٿا ته عمران خان ڇو گرفتار نه ٿو ٿي سگهي؟