لنڊن(م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان خلاف سازشون ناڪام وينديون، عام چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان خلاف سازشون ڪيون ويون جيڪي ناڪام ٿينديون، چونڊون وقت تي ئي ٿينديون، عمران چاهي ڪجهه به ڪندو رهي پر هو حڪومت کي ختم ڪري نه ٿو سگهي.