ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گرفتاري جي خوف سبب عمران خان جون ٽنگون ڏڪي رهيون آهن. بلاول هائوس وارن وڏي حوصلي ۽ ھمت سان ڦاسيون  قبول ڪيون، جيل جون سختيون برداشت ڪيون آهن پر  ڪڏهن به قانون کي هٿ ۾ نه کنيو، شهيد بينظير ڀٽو دهشتگرد حملي جي اطلاع باوجود ڪاپرواهه نه ڪئي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته بزدل عمران نيازي پنهنجي گهر ۾ به بنڪر ٺاهي ويٺل آهي، هو لڪي لڪي گاڏي مان ڪارڪنن کي خطاب ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران پنهنجي حڪومت ۾ فريال ٽالپر کي عيد واري رات جو اسپتال مان جيل موڪليو هو ،ان وقت کيس شرم نه آيو ته  هوءَ به ڪنهن جي ڀيڻ ۽ نياڻي آهي ؟ هن چيو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي مان عسڪري تنظيم بڻجي رهي آهي. عمران خان رياست خلاف اعلان جنگ ڪري ملڪ ۾ لاقانونيت چاهي ٿو، ماڻهن کي اپيلون ڪري زمان پارڪ ۽ روڊن تي آندو پيو وڃي. هن چيو ته عمران خان کي گهرجي ته هو جهاد جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪري. پنھنجن ٻارن کي غليل ۽ لٺيون ڏئي روڊن تي آڻي، هن چيو ته سمورا ادارا احتياط کان ڪم وٺي رهيا آهن، اسان ڪو نقصان ٿيڻ نه ڏينداسين،