اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ايم ڪيو  ايم جي اقبال محمد علي جي وفات سبب خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي تڪ اين 240 ڪراچي تي ٿيل ضمني چونڊ نتيجا رد ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن کان ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ سياسي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو ، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي اين اي 240 ڪراچي تي ٿيل ضمني چونڊ جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي، پي ٽي آءِ جي سياسي ڪاميٽي چونڊ ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ شفاف چونڊ ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن کي ناڪام قرار ڏنو، انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته اين اي 240 تي ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي، رڳو 8 سيڪڙو ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ جو مطلب عوام چونڊن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو، اليڪشن ڪميشن جو فيصلا سازي بابت ٻٽو معيار ڪميشن جي ڪردار تي سوال اٿاري ٿو. جڏهن ته پي ٽي آءِ عامر لياقت جي خالي ٿيل سيٽ ڪراچي جي تڪ اين اي 245 تي ضمني چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، عمران خان چيو ته ڪورنگي تي چونڊ نه وڙهي غلطي ڪئي.