اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان ٻڌائي ته هن جو پرڏيهي سازش وارو بيانيو ڪيڏانهن ويو؟ اڄ عمران چوي ٿو ته ڪرپشن ڪيسز جَي خوف کان  منهنجي حڪومت ڪيرائي وئي، هن چيو ته عمران خان ٻڌائي ته هن سازش جو بيانيو گهڙي قوم کي ڇو گمراهه ڪيو، پريس ڪانفرنس دوران رانا ثناءُالله چيو ته نيب سڌارن تي اعتراض ڪندڙ عمران خان ياد رکي ته انهن سڌارن جو فائدو هاڻي فرح گوگي ۽ سندس ٻيا فرنٽ مين به حاصل ڪري سگهندا.