ملير(رپورٽ: ناز شر ) پ پ چيئرمين ۽ وفاقي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان سياست ڇڏي بني گالا وڃي ويهي، هو  ڪوڙو ۽ منافق ماڻهو آهي، هن شخص چئن سالن ۾ پاڪستاني معشيت کي تباهه ڪيو، نوجوان کي هڪ  ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏيڻ جي ڳالهه ڪري نوڪريون ڏيڻ بدران بيروزگار ڪيو، گهر ڏيڻ بدران گهر ڦري ورتا هي اڳ ۾ سليڪٽڊ هو،  هاڻي وري سليڪٽڊ ٿيڻ جي ڪوشش پيو ڪري، عمران وٽ وزيراعظم هجڻ وقت اختيار نه هئا ته استعيفا ڏئي ها، ٻين کي چور چوندڙ عمران پاڻ  زڪوات ۽ چندا چور هو، سندس ڪچن ( رڌڻي جو خرچ )چندي مان هلائيندو هو،  عمران جي سياست نفرت ۽ پ پ جي پيار جي آهي، عمران جي سياست ملڪ ٽوڙڻ ۽ پ پ جي وري جوڙڻ آهي،  ملير مان پ پ جي  نئين چونڊيل ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ جي رهائش گاهه تي پهچي کيس تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيڻ بعد  جلسي عام کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران خان اڄ اختيار نه هجڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن وٽس اختيار نه هئا ته استعيفا ڏئي هليو وڃي ها، هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته عمران جي اصل حقيقت کي عوام آڏو ظاهر ڪيو وڃي، هن چيو ته عمران سياست ڇڏي بني گالا وڃي ويهي، سياست سندس وس جي ڳالهه ناهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي ماڻهن ڊڪٽيٽير جنرل ضياءِ ۽ مشرف کي ڀڄايو،  ملير واسين ننڍي چونڊ ۾ عمران کي عبرتناڪ شڪست ڏئي پ پ اميدوار عبدالحڪيم بلوچ کي تاريخي ڪاميابي ڏياري آهي، ملير واسين ۽ ڪارڪنن کي ننڍي چونڊ کٽڻ تي سرخ سلام پيش ڪيان ٿو، بلاول ڀٽو ملير واسين سان مخاطب ٿيندي چيو ته ملير جي ماڻهن هميشه  پيپلز پارٽي سان ملهايو آهي، شهيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو وانگر منهنجو ساٿ ڏين، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته عبدالحڪيم بلوچ پاران جيڪي مسئلا پيش ڪيا ويا آهن، انهن تي  ٽن مهينن ( 90 ڏينهن)  اندر عمل شروع ڪيو وڃي، ملير کي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليج، سنڌ زرعي ۽ لياري يونيورسٽين جا ڪيمپس، قبرستان لاءِ زمين، ملير جي ڳوٺن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ، زمين جي 30 سالن واري ليز جو مدو وڌائڻ ۽ ملير جي گرين بيلٽ جي بحالي وارين رٿائن تي عمل ڪيو وڃي، وڏو وزير ٽن مهينن کانپوءِ مونکي مڪمل رپورٽ پيش ڪري انهي کان اڳ جلسي کي خطاب ڪندي  نئين چونڊيل پ پ ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ  چيو ته ملير کي سرسبز هجڻ ڪري ڪشمير سان ڀيٽيو ويندو هو، هاڻ اهو ملير تباهه ٿي ويو آهي، ملير جي گرين بيلٽ کي بچايو وڃي، حڪيم بلوچ چيو ته ملير ۾  ميڊيڪل ۽  انجنيئرنگ ڪاليجن جو ڪم سست رفتاري سان هلي رهيو آهي،  ملير ۾ لياري يونيورسٽي جي ڪيمپس قائم ڪيو وڃي، ڪيڊٽ ڪاليج گڏاپ جو نالو هتبديل ڪري ڪراچي ڪيڊٽ ڪاليج رکيو ويو آهي، انهي ۾ ملير جي شاگردن جي الڳ ڪوٽا رکي وڃي شرافي ڳوٺ ۾ زرعي يونيورسٽي جو ڪيمپس قائم ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽيهه سالن لاءَ ليز ڪيل زمينن جو مدو 2023ع ۾ پورو ٿيندو، انهن زمينن جي ليز وڌائي شناختي ڪارڊ موجب هتان جي ماڻهن کي ڏني وڃي، ملير ۾ قبرستان لاءِ ٻه هزار ايڪڙ زمين ڏني وڃي،