لنڊن (م ڊ) نواز ليگ جي قائد نوازشريف چيو آهي ته ٻين کي چور چوندڙ عمران مني لانڊرنڊنگ ۾ پڪڙجي پيو، مٿن تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙو ثابت ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف جي پابندي پيل پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي نوازشريف چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو 8 سالن بعد فيصلو آيو آهي، اسان ڀيري تي واٽس ايپ تي جي آءِ ٽي ٺهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ سڀ ڪجهه سامهون اچي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ننڍي ناهي، عمران خان پرڏيهين کان پيسا ورتا، ثابت ٿي ويو ته عمران پرڏيهي ايجنڊا ملڪ تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، عمران چوندو هو ته ٿوري مني لانڊنگ ڪئي ته ڇا ٿي پيو، مٿس تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙو ثابت ٿي ويو، هي قوم کي درس ڏيندو آهي، هڪ شخص اسانجي ملڪ، معاشري، معيشت ۽ قوم کي تباهه ڪري ڇڏيو،  عمران کي پنهنجي چوري جو پتو هو ان ڪري هن احتجاج جو سڏ ڏنو، هي شخص پرڏيهي ايجندا تي عمل ڪري رهيو آهي. نوازشريف چيو ته اسانجي دور ۾ معيشت ترقي ڪري رهي هئي ۽ ملڪ اڳتي وڌي رهيو هو، ثاقب نثار پنهنجي ليڪ ٿيل آڊيو ۾ جج کي هدايت ڪئي ته نوازشريف ۽ مريم نواز کي سزا ڏئي عمران خان کي آڻڻو آهي، مانيٽرنگ جج لڳايو ويو ته نوازشريف کي فلاڻي تاريخ تائين سزا ڏني وڃي، ثاقب نثار عمران خان کي صادق ۽ امين جو جعلي سرٽيفڪيٽ ڏنو، ملڪ کي هڪ وزيراعظم کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي ڪڍيو ويو، مونکي چيو ويو ته پٽ کان پگهار ڇو نه ورتي، کوسا صاحب عمران خان کي چيو ته ڇو روڊن تي ڦرندا ٿا وتو، اسان وٽ اچو. نوازشريف چيو ته عمران خان پاڪستان لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ آهي، ان فتني جي شرپسندي کي هميشه لاءِ ختم ڪيو، جيترو جلدي ٿي سگهي هن کي انجام تي پهچايو.