اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارين ايجنٽ، گهڙي چور ۽ ڪوڙو رياست تي حملي آور آهي ۽ رليف وٺي رهيو آهي، سياسي ليڊر رياست تي حملا نه ڪندا آهن، پنهنجي سياست نه رياست کي بچائيندا آهن، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان عدالت جي حڪمن تي عمل ڪرائڻ واري پوليس جا مٿا ڦاڙي رهيو آهي ۽ عدالت کان رليف وٺي رهيو آهي.