اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت مختلف 8 ڪيسن ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 8 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مختلف ڪيسن ۾ پيشي لاءِ جوڊيشل ڪامپليڪس پهتو، ساڻس گڏ گهرواري بشريٰ بي بي به هئي، عمران خان وڳوڙن، باهيو ڏيڻ، قلم 144 سوڌو مختلف 8ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسلام آباد ۾ پيش ٿيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد چيو ته  جي آءِ ٽي اڄ عدالت ۾ به موجود ناهي جي آءِ ٽي سنجيده هجي ها ته اڄ عدالت ۾ موجود هجي ها،جج چيو ته  جي آءِ ٽي اسلام آباد اڌ ڪلاڪ ۾ اچي ٻڌائي ته ڪيئن عمران خان کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ چاهيو ٿا. عمران خان روسٽرم تي اچي عدالت کي ٻڌايو ته جڏهن به گهران نڪران ٿو جان جوکي ۾ وجهان ٿو، گهرو وزير به چئي چڪو آهي ته منهنجي جان کي خطرا آهن، عمران خان چيو ته جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيان چاهيان ٿو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي طرز تي جي آءِ ٽي انويسٽيگيشن ڪري. دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 8 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي عدالت عمران خان کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جنهن کانپوءِ عدالتي حڪم تي جي آءِ ٽي جا 2 ميمبر جوڊيشل ڪامپليڪس پهچي ويا، جي آءِ ٽي ميمبر ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهتا، جي آءِ ٽي ميمبرن جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج سان اِن چيمبر ملاقات ڪئي، ذريعن موجب عمران کي جاچ ۾ شامل ڪيئن ڪيو وڃي؟ ان تي جي ٽي آءِ ميمبرن وقت گهري ورتو، عمران سان مشاورت بعد جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو طريقيڪار جو فيصلو ڪيو ويندو.