اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته اسانجي ترجيح عمران جي گرفتاري نه پر کيس عدالت ۾ پيشي تي مجبور ڪرڻ آهي، سڀاڻي پيش نه ٿيو ته حڪمت عملي تبديل ڪنداسين، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته عمران جي گرفتاري نه پر عدالت ۾ پيشي اسانجي ترجيح آهي، هاڻ اسان کي پورو يقين آهي ته عمران خان سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿيندو، هن چيو ته زمان پارڪ آپريشن دوران پوليس جا ماڻهو گهڻا زخمي ٿيا آهن، پي ٽي آءِ جا ڪاڪن گهٽ زخمي ٿيا آهن، هاڻ جيڪڏهن پيش نه ٿيندو ته اسان حڪمت عملي تبديل ڪنداسين، هن چيو ته عمران تي ڪو ڀروسو ناهي، سڀاڻي اهو به چئي سگهي ٿو ته زمان پارڪ ۾ سڀ ڪجهه آمريڪا ڪيو، هڪ سوال تي رانا ثناءُ الله چيو ته 30 اپريل تي اليڪشن ٿئي ٿي ته اسان پوري ريت تيار آهيون،