ڪراچي(م ڊ) تحريڪ انصاف جي بيانيي جي حمايت ڪندڙ تجزياڪار ارشاد ڀٽي ايوان صدر ۾ عمران خان جي آرمي چيف کانسواءِ ٻين عملدارن سان به ملاقاتون ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ايوان صدر ۾ ٿيل ان ملاقات کانسواءِ هڪ قسم جا ٻيا رابطا به ٿي رهيا اهن ان ۾ به صدر عارف علوي ۽ عمران خان سان ٻه ٽي ملاقاتون ٿيون آهن پر عمران خان چاهي ٿو ته حڪومت کي ختم ڪري چونڊون ڪرايون وڃن پر اهو ممڪن نه آهي.