راجن پور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي ايم اين اي جعفر لغاري جي لاڏاڻي سبب خالي ٿيل اين اي 193 تي چونڊ وڙهڻ لاءِ عمران خان نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا آهن. اهي ڪاغذ امير امجد ايڊووڪيٽ ورتا. اڳوڻي وزير محسن لغاري، ن ليگ جي اويس لغاري ۽ پ پ جي ضلعي صدر وقاص گورماني به ڪاغذ وصول ڪيا. تڪ تي اليڪشن 26 جنوري تي ٿيندي.