ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيوآهي ته ملڪ جي ترقي لاءِ خود اعتمادي سان پاليسي ٺاهڻي پوندي، اڳوڻي حڪومت عالمي برادري جو اعتماد تباهه ڪيو، اسان کي وياج جو خاتمو ڪرڻو پوندو، وياج خلاف فيصلو خوشي جوڳو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته هي خطو جاگرافيائي لحاذ کان تمام اهم آهي، هي علائقو پوري دنيا لاءِ ڪاروباري حب جو درجو اختيار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پنهنجي دور ۾ بي شمار ترقياتي منصوبا شروع ڪرايا، جن ۾ ڪيترائي مڪمل  ۽ ڪيترائي مڪمل نه ٿي سگهيا پر ان کانپوءِ آيل حڪومت انهن منصوبن کي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو، پي ڊي ايم سربراهه چيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ معيشت تباهي طرف هلي وئي، عمران جي دور ۾ ترقياتي منصوبا روڪيا ويا هئا، جڏهن ته نوازشريف جي دور ۾ ملڪ ۾ اربين رپين جي سيڙپڪاري ٿي، پاڪستان کي هن وقت پرڏيهي امداد جي ضرورت آهي پر اسان عالمي برادري جو اعتماد وڃائي چڪا آهيون، ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه ٿي رهي آهي، اسان کي عالمي برادري جو پاڪستان تي اعتماد بحال ڪرڻو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ جا خواهشمند ناڪام ٿي ويا آهن، اڳوڻي حڪومت عالمي برادري جو اعتماد وڃايو، معاشي تباهي جي ايجنڊا آڻيندڙ مايوس ٿي چڪا آهن، فضل الرحمان چيو ته اسرائيل ڪڏهن پاڪستان جو سڄڻ نه ٿو ٿي سگهي.