گوجرانوالا (م ڊ) نواز ليگ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران داري جي ٽرڪ ڊرائيورن سميت پڪڙي وئي آهي ۽ الزام لڳائڻ وارا هاڻي منهن لڪائي رهيا آهن. گوجرانوالا ۾ تنظيمي عهديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته تنظيمي ڪنوينشن پارٽي کي وڌيڪ بهتر فعال بڻائڻ جو ذريعو ثابت ٿيا آهن، اسان جي قيادت عوام جي ڪارڪردگي جي امتحان ۾ سرخرو ٿي آهي. هن چيو ته عمران داري جي ٽرڪ ڊرائيورن سوڌو پڪڙي وئي ۽ الزام لڳائڻ وارا اڄ منهن لڪائي رهيا آهن، پتلن جو تماشو ڪرڻ وارا گهرن ۾ قيد آهن. مريم نواز چيو ته ڏکين معاشي حالتن ۾ ٻڏل مُلڪ پهريون ڀيرو اسان کي ناهي مليو، جڏهن مُلڪ مسئلن ۾ ٻڏي ويندو آهي تڏهن نواز شريف ۽ شهباز شريف کي اڳتي اچڻو پوندو آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته شازشين جي سازش آهي ته معيشت پنهنجن پيرن تي نه بيهي سگهي پر هميشه وانگر شينهن ئي قوم کي مسئلن ۽ انهن کي پيدا ڪرڻ وارن گدڙن مان ڇوٽڪارو ڏياريندو.