پشاور  (م ڊ) عمران خان خلاف واٽس ايپ گروپ ۾ غيرمناسب لفظ استعمال ڪرڻ تي ڊي جي هيلٿ ڪي پي ڪي ڊاڪٽر صاحب گل کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، سرڪاري پڌرائي موجب 20 هين گريڊ جي ڊاڪٽر صاحب گل عمران خان خلاف واٽس ايپ گروپ ۾ غيرمناسب لفظ استعمال ڪيا هئا، هن کي ڊائريڪٽوريٽ آف جنرل هيلٿ سروسز رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.