عمران خان 13 مارچ تي به عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته گرفتار ٿيندو: راڻا ثناءُ الله

0
149
عمران خان 13 مارچ تي به عدالت ۾ پيش
عمران خان 13 مارچ تي به عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته گرفتار ٿيندو: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان 13 مارچ تي به عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻو پوندو، پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ عدالتن پاران عمران کي هاڻي رليف نه ملڻ گهرجي، عمران کي هاڻي به رليف مليو ته پوءِ سوال اٿندا

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته رليف ٺهي يا نه ٺهي پر عمران خان کي رليف ملي وڃي ٿو

هن چيو ته عمران خان پنهنجي فتنه گري کان نه ٿو مڙي، کيس ووٽ ذريعي مائينس نه ڪيو ويو ته ملڪ سان ڪو حادثو ڪري ويهندو

وفاقي گهرو وزير چيو ته انٽيليجنس ادارن جي رپورٽس کانپوءِ لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، عمران خان هاڻي پنهنجي منطقي انجام ڏانهن وڌي رهيو آهي، ٽن ڪيسز ۾ هاڻي هن وٽ ڪو به جواب نه آهي

هن کي به پڙهندا

عام چونڊون ڊجيٽل آدمشماري تحت ئي ٿينديون: اعظم نذير تارڙ

پنجاب ۾ چونڊن جو شيڊول جاري: ڪي پي جي گورنر سان گڏجاڻي بنا نتيجي ختم