عمران خان ۽ پرويز الاهي وچ ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ صلاح مشورا

0
254
عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي
اسلام آباد: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي وچ ۾ ملاقات دوران اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا آهن

اسلام آباد: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي وچ ۾ ملاقات دوران اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا آهن
ذريعن موجب پرويز الاهي ملاقات دوران عمران خان کي چيو ته توهان اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ چوندئو ته هڪ منٽ به دير نه ڪندس
پرويز الاهي ملاقات دوران عمران خان کي چيو ته غلط فهمي پيدا ڪندڙ پهرين جيان هاڻي به ناڪام ٿيندا، اپوزيشن ڀلي بي اعتمادي رٿ جو شوق پورو ڪري، هاڻي به کين مات ملندي، اپوزيشن جاڳندي خواب ڏسي رهي آهي
هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس جاري رهي ته گورنر راڄ نٿو لڳي سگهي، اپوزيشن کي ڳالهائڻ کان اڳ رولز آف بزنس پڙهڻ گهرجن، پنجاب اسيمبلي ته ڇا، عمران خان لاءِ جان به حاضر آهي، پي ڊي ايم جيڪو ٻِج ڇٽيو، اُن جو فصل لڻي رهي آهي
پرويز الاهي سان ملاقات بعد پرويز خٽڪ چيو ته پرويز الاهي ۽ عمران خان هڪ پيج تي آهن، عمران خان فيصلو ڪندو ته اسيمبليون ڪڏهن ٽوڙيون وينديون، اسان اِن ڪري متحرڪ آهيون ته پارٽي ۾ اختلاف نه ٿين ۽ ڪو ٻيو ڌڙو نه ٺهي

ھي به پڙھندا

ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبليز ۾ بي اعتمادي رٿ آڻي سگهجي ٿي: آصف زرداري

گورنر راڄ ۽ بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آهي: وفاقي گھرو وزير

ويھ ڊسمبر تائين اسيمبليز ٽوڙيون وڃن: پي ٽي آءِ جي اعليٰ سطحي ڪميٽي سفارش ڪري ڇڏي