لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف داخل ڪيسن ۾ جي آءِ ٽي کي جاچ کان روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جي آءِ ٽي جي جاچ کي عدالتي فيصلي سان مشروط ڪيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ۽ مسرت جمشيد جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت حڪم ڏنو ته جي آءِ ٽي کي جاچ کان نٿا روڪيون پر جاچ عدالتي فيصلي سان مشروط هوندي، ان کان اڳ فل  بينچ دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. پي ٽي آءِ وڪيلن چيو ته نگران حڪومت کي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو اختيار ناهي، ڪيس بدنيتي جي بنياد تي داخل ڪيا ويا، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل نٿا ڪري سگهجن.ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب درخواست جي مخالفت ڪئي ۽ نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني، هن چيو ته اڃا جاچ ٿيڻي آهي پر پي ٽي آءِ جاچ ۾ شامل ٿيڻ بنا ئي عدالت سان رابطو ڪيو آهي.