ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان به اڳوڻي وزيراعظم تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ريحام خان چيو ته عمران خان ۽ سندس جماعت جي ٻين ميمبرن تي فائرنگ حيران ڪندڙ ۽ مذمت جوڳي آهي. هن چيو ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اسان جي سياستدانن لاءِ عوامي ميڙاڪن ۾ سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ گهرجي.