عمران خان ڪمري ۾ موجود نه هو: اسلام آباد پوليس زمان پارڪ مان واپس رواني

0
174
عمران خان ڪمري ۾ موجود نه

ڪراچي: اسلام آباد پوليس زمان پارڪ لاهور ۾ عدالتي نوٽيس پي ٽي آءِ قيادت حوالي ڪرڻ بعد واپس رواني، زمان پارڪ ٻاهران پوليس اهلڪارن ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ منهن ماري ٿي، نجي سيڪيورٽي گارڊز به پوليس کي عمران خان جي گهر وڃڻ نه ڏنو

 اسلام آباد پوليس چيو آهي ته عمران خان گرفتاري کان لنوائي رهيو آهي، اي ايس پي سٽي ڪمري ۾ ويو پر عمران خان موجود نه هو

 اسلام آباد جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، عدالت عمران خان کي گرفتار ڪري 7 مارچ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز جو ٽوئيٽ بيان ۾ ردعمل سامهون آيو آهي ته شينهن بيگناهه هجڻ  باوجود ڌيءُ سان گڏ گرفتاري ڏيندو آهي، گدڙ چور ٿئي ته گرفتاري جي ڊپ ۾ ٻين جي نياڻين کي ڍال بڻائي لڪي ويندو آهياسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز

مريم نواز جو چوڻ هو ته ٻاهر نِڪر بزدل ماڻهو! قوم ليڊر ۽ گِدڙ ۾ فرق ڄاڻي ورتو آهي، نواز شريف کي ٿوري بهادري عمران خان کي اُڌاري ڏيڻ گهرجي

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان سزا ۽ عدالتن ۾ پيشي کان بچڻ لاءِ بهانا ڪري رهيو آهي، عدالت کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو

هن جو چوڻ هو ته حڪومت فيصلو ڪيو ته عمران خان جي گرفتاري ڏُکيو ڪم ناهي، اسلام آباد پوليس رڳو نوٽيس ڏيڻ لاءِ زمان پارڪ پهتي هئي،عمران خان زمان پارڪ ۾ لڪي ويهي رهيو آهي، عمران خان تي ڪوبه قاتلاڻو حملو نٿو ٿي سگهي

هي به پڙهندا

عمران خان جِي گرفتاري جِي ڪوشش سان حالتون خراب ٿينديون: فواد چوڌري

آءِ جي اسلام آباد طرفان عمران خان کي هر صورت ۾ گرفتار ڪرڻ جي هدايت