لاهور (م ڊ) لاهور ۾ عمران خان کي گرفتاري جا وارنٽ ملي ويا آهن. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب عمران خان جي گرفتاري جا وارنٽ سندس زمان پارڪ واري گھر تي اماڻيا ويا. عمران خان جي گرفتاري جا وارنٽ سندس وڪيل وصول ڪيا. عمران خان جا وارنٽ مارگلاٿاڻي تي داخل ٿيل هڪ ڪيس ۾ جاري ٿيا هئا.