عمران خان کي ڏنل الٽيميٽم جو ٽائيم ختم: زمان پارڪ کي گهيرو

0
198

پنجاب حڪومت پاران زمان پارڪ ۾ موجود مبينا دهشتگرد حوالي ڪرڻ لاءِ عمران خان کي ڏنل الٽيميٽم جو ٽائيم ختم ٿي ويو

پوليس زمان پارڪ ڏانهن ايندڙ ويندڙ سمورا رستا سيل ڪري ڇڏيا، پنجاب جي نگران سرڪار پاران پوليس کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

عمران خان جي رهائشگاهه ٻاهران چئني پاسن کان پوليس اهلڪار گشت ڪري رهيا آهن

گذريل ڏينهن نگران وزير عامر مير چيو هو ته زمان پارڪ ۾ 40 کان وڌيڪ دهشتگرد موجود آهن، صوبائي وزير 24 ڪلاڪن اندر دهشتگرد حوالي نه ٿيڻ تي ايڪشن جي وارننگ ڏني هئي