لاهور ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان کي ٻيهر آڻڻ لاءِ جوڊيشل اسٽيبلشمينٽ  اچي وئي آهي، پارليامينٽ پنهنجو فيصلو مڃرائي رهندي.  جنهن نواز شريف کي چور چيو ان جو پنهنجو پُٽ به چور نڪتو، ثاقب نثار اڄ به عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيو آهي. لاهور ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنونشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته وزيراعظم ڏکين حالتن باوجود گهٽ ۾ گهٽ اجرت 35 هزار مقرر ڪئي، پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 40 هزار رُپيا هئڻ گهرجي. خطاب دوران پي ٽي آءِ چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي مريم نواز چيو ته 2017ع تائين پاڪستان ڪامياب ترين معيشتن ۾ شامل هو، فتنو اڄ مزدورن  جي نالي تي ريليون ڪڍي رهيو آهي، تون(عمران  خان) سازشن ذريعي اقتدار جو رستو ٺاهڻ بند ڪري ته پورهيتن جون حالتون سڌري وينديون. مريم نواز مخالفن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته ڀلي اِهو ثاقب نثار هجي يا فيض حميد، سڀ ان گينگ جو حصو هئا، جسٽس کوسا چيو ته مون ڏانهن اچو آئون نواز شريف کي رستي تان هٽايان ٿو، نواز کي ڪڍڻ جو نقصان پاڪستان کي ٿيو، اڄ وري ساڳيو عمل ورجائيو پيو وڃي.  هو چاهين ٿا ته تڪڙيون چونڊيون ٿين ٻي صورت ۾ کين چونڊون کٽرائڻ وارو ڪير به نه هوندو. هن چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ، جيل ڀريو تحريڪ سميت هر حربو ناڪام ويو ته هاڻي جوڊيشري اسٽيبلشمينٽ اچي وئي آهي.  هن چيو ته عمران خان پاڻ چيو ته جنرل باجوا جي چوڻ تي اسمبليون ٽوڙيون، ثاقب نثار اڄ به عمران خان کي آڻڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيو آهي، ثاقب نثار جو پٽ هڪ ڪروڙ ويهه لک رُپيا رشوت وٺندي پڪڙيوويو. هن اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار مخاطب ڪندي سوال اُٿاريو ته ثاقب نثار ٻڌائي ته هڪ ٽڪيٽ جا هڪ ڪروڙ ويهه لک ورتا ويا، پاناما جا ڪيترا ورتا هئا؟ . ن ليگ جي چيف آرگنائز جو چوڻ هو ته عمران خان روز ڪاري بالٽي پائي نڪري ٿو، سياسي ڪارڪن طور شرم ٿو اچي ته ليڊر هميشه سينو کولي ڪري پيش ٿيندا آهن، هو چوي ٿو ته اسمبليون بحال ڪيون وڃن، ڇا هي سندس پيءُ جو مُلڪ آهي؟. هن وڌيڪ چيو ته جنهن نواز شريف کي چور چور چيو ان جو پنهنجو پُٽ به چور نڪتو، پارليامينٽ پنهنجو فيصلو مڃرائي ڏيکاريندي، فيصلو مڃڻو پوندو، جيڪڏهن مُلڪ جون آئين سُپريم آهي ته پارليامينٽ به سُپريم آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ صرف عمران خان رڪاوٽ آهي. عمران خان سياستدان نه پر دهشتگرد آهي جيڪو چاهي ٿوته آئون کٽي وڃان يا هارايان پر ملڪ کي هلڻ نه ڏيندس، ڊالر 2 سئو تي پهتو آهي ته ذميوار عمران آهي. هن چيو ته نواز شريف جا 9 سال ڪڍي ڇڏيو ته پوئتي کنڊر بچن ٿا. گذريل 65 سال بچن ٿا ان ۾ ڪنهن ٻئي ڇو ڪجھهه نه ڪيو؟  مريم نواز وڌيڪ چيو ته هي پنهنجي پاڻ کي پاڻ وائکو ڪندا، توهان جيڪو وڻي ڪري وٺو، پارليامينٽ قانون ٺاهيندي رهندي، هن چيو ته آئون عمر عطا بنديال ۽ ٽي رڪني بينچ کان پڇان ٿي ته هي ڪنهن لاءِ ۽ ڇو ڪري رهيا آهيو؟ هڪ گروهه آهي جيڪو ايندڙ مقررين لاءِ سڀ ڪجھه ڪري رهيو آهي.  هن چيو ته دنيا ۾ فيصلا ميرٽ تي ٿيندا آهن ۽ هتي سس جي چوڻ تي ٿين ٿا.