ڪراچي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان کانسواءِ اليڪشن ٿي ته فيصلو روڊن تي ٿيندو، ٻهارو ڦري ويندو، جيڪي پاڻ کي هيرو سمجهن ٿا،ا هي زيرو ٿي ويندا، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته نواز ليگ جي سياست کي زرداري دفن ڪري ڇڏيو، سياسي قبر ۾ ش ليگ دفن ٿيندي، هي عوام ۾ ختم ٿي چڪا آهن، هن وقت سياست نه هڪ شخص خلاف انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته ضمني اليڪشن ۾ ٻن سيٽن تي ڌانڌلي ٿي، عمران خان جا 8 تڪن ۾ نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا، رڳو فيصل آباد مان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا آهن، اهي به ٺيڪ ٿي ويندا، فيصل آباد رانا ثناءُ الله جو تڪ آهي، هو نٿو چاهي ته ايئن ٿئي، سمنڊ پار پاڪستاني عمران خان سان گڏ آهن، مهانگائي سان پگهاردار طبقو مري چڪو آهي.