ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌجي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان کي مخاطب ٿيندي پنھنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آھي ته عمران خان جي خواھش آھي ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿئي ، اوهان اقتدار جي لالچ ۾  هر حد پار ڪرڻ لاءِ تيار آهيو.  توهان ڊڪٽيٽر جي نرسري جا ٽيسٽ ٽيوب بي بي رهيا آهيو. ھاڻ ان نرسري تي تنقيد ڪري ھيرو بنجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيا آھيو. عمران خان توهان اھي ڌاڙيل آهيو ، جنهن  توشا خاني، فارن فنڊنگ، مني لانڊرنگ ۽ گوگي  ذريعي اربين رپين جا ڌاڙا ھنيا  آهن.