عمران خان ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف  عدالتي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي

0
274
متحده ۽ باپ سان رابطي جو فيصلو

پي ٽي آءِ جي قيادت بي اعتمادي رِٿ تي ووٽنگ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ واري معاملي ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آھي،  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري طرفان سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيلون داخل ڪيون ويون آھن

درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 7 اپريل تي ڏنل عدالتي فيصلي ۾ نُقص آهن، عدالت فيصلي تي نظرثاني ڪري، سپريم ڪورٽ جو 7 اپريل وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي

ھي به پڙھندا

متحده پاڪستان بلدياتي قانون ۾ ترميم لاءِ پيپلز پارٽي کي تجويزون ڏئي ڇڏيون