عمران خان چوي ته اڌ ڪلاڪ ۾ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس: پرويز الاھي

0
203
حڪمران اتحاد پنجاب جي پ

ڪراچي: پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته حمزه شهباز سمجهو ته فارغ ٿي ويو، هاڻي پنجاب جي وڏي وزير لاءِ نئين سر چونڊ ٿيندي، پنجاب اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ به چونڊ ڪرائي سگهجي ٿي، نواز ليگ جا 7 کان 8 ميمبرز اسان سان گڏ آهن

پرويز الاھي چيو تھ اليڪشن ڪميشن لوٽن کي نه رڳو ڊي سيٽ، پر نااهل پڻ قرار ڏنو آهي، لوٽن جي سياست ختم ٿي وئي، عمران خان چوي ته هاڻي ئي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس

عمران خان ملتان جي جلسي ۾ اسلام آباد مارچ جي تاريخ ڏيندو، سندس اسلام آباد پهچڻ کان اڳ ئي سڀ ڪم ٺيڪ ٿي ويندا، نين چونڊن ۾ نواز ليگ جو حشر سڀني کي نظر ايندو

ٻئي پاسي اسد عمر ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سازش ذريعي آندل سموري تبديلي جي تڏا ويڙهه ڏسڻ چاهيون ٿا، حمزه شهباز وڏي وزير جي حيثيت سان جيڪي فيصلا ڪيا، اُهي واپس ورتا وڃن

سازش ذريعي آندل تبديلي جو وڌيڪ هڪ باب بند ٿي ويو، لوٽا هاڻي اسيمبلي ميمبرز نه رهيا آهن، نيون چونڊون ڪرائي ملڪ کي ڏکيائين جي ڌُٻڻ مان ڪڍيو وڃي، هاڻي ضمير فروشن جو نه، پر عوام جو ووٽ استعمال ٿيندو، فيصلو عوام جي ڪاميابي آهي، اليڪشن ڪميشن تي اڳ ئي بي اعتمادي ظاهر ڪري چڪا آهيون

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ ڪجهه به ڪري، شينهن کان پنجاب کسي نه سگهندي: مريم نواز