پشاور (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان گورنر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائس موڪلي ڇڏي. گورنر به سمري ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان 17 جنوري تي رات جو 9 وڳي آئين جي آرٽيڪل 112 (1) تحتاسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحيون ڪيون ۽ اها گورنر حاجي غلام علي ڏانهن اماڻي ڇڏي.  ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان ان حوالي سان چيو آهي ته عمران خان جي حڪم تي عمل ڪيو ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ جي صلاح تي صحيح ڪري سمورا افواهه غلط ثابت ڪري ڇڏيا. مون ملڪي مفاد ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو، عام چونڊن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿي حڪومت قائم ڪنداسين ۽ قائد عمران خان کي وزيراعظم بڻائينداسين. ڪي پي ڪي جي عوام اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ به اهو تحريڪ انصاف کي ئي چونڊيندو. هن چيو ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن ۾ گورنر پاران صحيحون نه ڪيون ويون ته اسيمبلي پاڻ ئي ٽٽي ويندي. خيبرپختون خوا جي گورنر هائوس جي ترجمان چيو آهي ته خيبر پختون خوا اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري ملي وئي آهي. گورنر حاجي غلام علي چيو ته ايڊوائس ملي وئي آهي جنهن تي سمورا معاملا ڏسڻ بعدآئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪندس. اسيمبلِي ٽٽڻ بعد نگران وڏي وزير جي مقرري تائين محمود خان وقتي وڏي وزير طور عهدي تي ڪم جار رکندو. جيڪڏهن گورنر صحيح نه ڪئي ته 19 جنوري تي رات جو 9 وڳي پاڻ ئي اسيمبلي ٽٽي ويندي.