اسلام آباد(م ڊ) پشاور جي استادن پگهارن ۾ اضافي لاءِ بني گالا پهچي عمران  خان جي گهر اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن بعد عمران خان جي ٽيم ساڻن ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته احتجاج ڪندڙن جو مسئلو پشاور ۾ ئي حل ڪرڻ گهرجي ها هنن کي هتي اڄڻ نه ڏنو وڃي ها.