اسلام آباد: عمران خان توشا خانه  ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن پاران نااهلي جي ڏنل فيصلي سبب اين اي 95 ميانوالي تان نااهل قرار ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي سندس اين اي 95 ميانوالي تان رڪنيت ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته عمران خان مختلف 8 قومي اسيمبلي جي تڪن تان تازو ڪجهه وقت پهريان ٿيل ضمني چونڊ ۾ ڪامياب ٿيو آهي پر چونڊ خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ سبب ان جي نه ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي نه ئي عمران خان حلف کڻي انهن سيٽن مان ڪنهن هڪ سيٽ تي به ميمبر بڻجي سگهيو آهي جنهن ڪري عمران خان به هن وقت قومي اسيمبلي جي رڪارڊ مطابق قومي اسيمبلي ميمبر ناهي.