اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته فوج کي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ڪنهن چيو آهي، عمران خان ثبوت ڏئي. احسن اقبال نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪهڙي اپوزيشن اڳواڻ فوج کي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ چيو آهي، عمران خان الزامن بدران ثبوت پيش ڪري، هن چيو ته عمران پاڻ جي ايچ ڪيو طرف اشارو ڪري چوندو هو ته او امپائر آڱر ته مٿي نه ٿا ڪريو، اجلاس ۾ ساٿين کي چوندو هو ته انهن کي چئو ته نوازشريف کان استعيفا وٺو ۽ سندس ساٿي کيس جواب ڏيندا هئا ته اهي چون ٿا ته اوهان اوترا ماڻهو نه آڻي سگهيا آهيو، جيترن جو توهان واعدو ڪيو هو، اسانجو امپائر عوام آهي، اسان عوام سان گڏجي حڪومت جو مقابلو ڪنداسين. احسن اقبال پ پ کي تڪراري بيان نه ڏيڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته آئون به چئي سگهان ٿو ته زرداري ۽ پ پ کي ڪهڙيون مراعتون ملي رهيون آهن؟ پر اسانجو پيپلزپارٽي نه عمران حڪومت سان مقابلو آهي، اسان ان تان ڌيان هٽائڻ نه ٿا چاهيون، اسان پي ڊي ايم حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ٺاهيو.