عمران خان وزيراعظم طور توشا خانا مان ڪجهه تحفا مفت ۾ کڻي ويو: ريفرنس ۾ انڪشاف

0
248
نيٺ عمران خان کي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ريفرنس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته وزيراعظم طور عمران خان توشا خانا مان ڪجهه تحفا مفت ۾ به ورتا هئا

پي ڊي ايم طرفان جمع ڪرايل ريفرنس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عمران خان ڪجهه تحفا ته پيسا ڏئي حاصل ڪيا پر اڪثر تحفا ادائيگي بنا ئي پنهنجي گهر کڻي ويو، جڏهن ته توشا خانا جي قاعدن تحت انهن جي وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻ گهربي هئي

عمران خان خلاف ريفرنس ۾ الزام آهي ته عمران خان انهن تحفن کي پنهنجي گوشوارن ۾ به ظاهر نه ڪيو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن پي ڊي ايم جي درخواست تي عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي کيس 18 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي