لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان سان سياستدان جهڙو ورتاءُ نه ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هو سياستدان نه آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز لکيو ته عمران خان کي پاڪستان کي تباهه ڪرڻ لاءِ آندو ويو ۽ فنڊنگ ڪئي وئي. مريم نواز چيو ته عمران خان قوم کي مشڪل ۽ مايوسي ۾ وجهڻ لاءِ متعارف ڪيو ويو. مريم نواز اهو پڻ چيو ته عمران خان معيشت، معاشري، ميڊيا ۽ هاڻ هٿياربند فوج خلاف جنگ ڇيڙي ڇڏي آهي.