عمران خان هاڻي پارليامينٽ ڪيئن ايندو؟

0
194
پنجاب ۾ ن ليگ کي شڪست ڪيئن ملي؟

 عمران خان واري پارٽي ھڪ ڏينھن اڳ پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ اھا معلومات ڏني ھئي ته پي ٽي آءِ جي وفد جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ملاقات جو وقت طئه ٿي چڪو آھي. عمران خان واري پارٽي پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ اھو به واضح ڪيو ھو ته خميس جي ڏينھن صبح جو ساڍي يارھين وڳي شاھ محمود قريشي جي سربراھي ۾ پي ٽي آءِ جو وفد اسپيڪر سان ملاقات لاءِ پارليامينٽ ھائوس پھچندو، جيتوڻيڪ ان حوالي سان دعويٰ ٻنھي طرفن کان پنھنجي پنھنجي آھي. راجا پرويز اشرف چوي ٿو ته مان محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾  ھئس. پي ٽي آءِ جي چيف وھپ عامر ڊوگر سان ڳالهه ٻولھه ٿي، مون اسلام آباد پھچي عامر ڊوگر کي محترمه بينظير ڀٽو  جي ورسي جي ٻئي ڏينھن ئي فون ڪري چيو ته آئون صبح 10 وڳي کان اسيمبلي چيمبر ۾ آھيان، توھان ڪٿي آھيو؟ راجا پرويز اشرف جڏهن  اهڙي ڳالهه  ڪري رھيو ھو، ان کان ھڪ ڏينهن  اڳ چوڌري  فواد چئي چڪو ھو ته راجا پرويز اشرف ملاقات جو وقت نه ٿو ڏي، هاڻي  لاڙڪاڻي  کان ايندو ته آسٽريليا ويندو، پر خميس ڏينهن  جڏهن  ملاقات ٻنھي طرفن کان طئه ٿي ته سمجھه ۾ آيو ته استعيفا وارو معاملو  هاڻي  سلجھي ويندو. شاھ محمود قريشي ان کان اڳ ٻه ڀيرا پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي اسلام آباد جي ڪي پي  ھائوس ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ چئي اھا ميٽنگ ملتوي ڪري چڪو ھو. شبلي فراز ته اھو به چيو ھو ته پي ٽي آءِ وارا هاڻي  اسپيڪر آڏو پيش نه ٿيندا. شبلي فراز مطابق هاڻي  اھي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪندا. شبلي فراز جي ڳالهه  جي ابتڙ پي ٽي آءِ جو وفد واپس پارليامينٽ پھتو اسپيڪر جي چيمبر ۾ راجا پرويز اشرف سان انھن جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراھي ۾ ملاقات به ٿي، پر اهڙي ملاقات کان اڳ ئي اھو سوال گردش ڪرڻ لڳو ته جنھن شاھ محمود قريشي کي پي ٽي آءِ جي وفد جي قيادت ڪرڻي ھئي اھو شاھ محمود قريشي ۽ پرويز خٽڪ ڇو غير حاضر آھن؟ ان ملاقات کانپوءِ چيو ويو ته عمران خان شاھ محمود قريشي ۽ پرويز خٽڪ کي زمان پارڪ لاھور گھرائي ورتو. شاھ محمود قريشي ۽ پرويز خٽڪ ته لاھور روانه ٿي ويا، پر جيڪي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ملاقات ڪري واپس آيا انھن جي راجا پرويز اشرف سان ملاقات جي ڪهاڻي  جيڪا سامھون اچي رھي ھئي، ان مان ايئن لڳي رھيو ھو ته جيڪڏھن پي ٽي آءِ سمورن ميمبرن جي استعيفا جو اعلان ڪيو ته پوءِ پي ٽي آءِ ۾ گروپ بندي ٿي ويندي. شايد شاھ محمود قريشي پرويز خٽڪ ۽ اسد عمر ان صورتحال کان واقف آهن، جنھن ڪري ئي اھي پنھنجو موقف پارٽي چيئرمين کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندا ھجن پر راجا پرويز اشرف سان جڏهن  وفد اسد قيصر جي سربراھي ۾ مليو تڏهن راجا پرويز اشرف انھن کي ٻڌايو ته توھان جا ڪجهه ميمبر چون ٿا ته انھن جي استعيفا تي صحيح سندن ناھي. 22 ميمبر رجسٽر تي پنھنجي حاضري به لڳائين ٿا. اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ اپيل به ڪن ٿا ته سندن استعيفا منظور نه ڪئي وڃي. قانون ۽ آئين مطابق استعيفا تڏهن منظور ٿيندي جڏهن  ھر ميمبر پاڻ اچي پنھنجي ھٿ سان استعيفا لکي ڏي. وفد جي صورت ۾ استعيفا قبول نه ٿيندي. اسد قيصر وارن جو موقف ھو ته جيئن جاويد هاشمي اسيمبلي فلور تي بيھي استعيفا ڏني ھئي، ان جي استعيفا منظور ٿي ھئي، ساڳيو طريقو اختيار ڪيو وڃي. جيڪڏهن ميمبرن جي پنھنجي اچڻ جو سوال آھي ته ھر ميمبر پاڻ پنھنجي ھٿ سان استعيفا لکي ڏي ته پوءِ قبول ٿيندي، جن 11 ميمبرن جي استعيفا قبول ٿي آھي انھن جي ڪهڙي بنياد تي استعيفا قبول ڪئي وئي. راجا پرويز اشرف جو جواب ھو ته اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ به چيو آھي ته جن جي استعيفا منظور ٿي، قانون مطابق منظور ٿي.مون هڪڙي پي ٽي آءِ جي سينيئر ميمبر کان پچيو ته شاھ محمود قريشي وارا ڇو نه آيا؟ ميڊيا تي خبرون ھلن پيون ته استعيفا واري معاملي تي پارٽي ورھائجي وئي آھي. جنھن تي ھن چيو ته شاھ محمود قريشي اسد عمر پرويز خٽڪ وارا عمران خان کان پوءِ سينيئر ترين نالا آھن، اھي عمران خان کان الڳ ڪيئن ٿا سوچي سگھن، جنھن اجلاس ۾عمران خان ناھي ھوندو ته اھي ئي فيصلا ڪندا آھن. پي ٽي آءِ جي اهڙي ميمبر جي ڳالهه  پنھنجي جڳهه تي پر اسد عمر پاڻ به اهڙي ڳالهه  ڪري چڪو آھي ته استعيفا ڏيڻ جا پنھنجا فائدا به آھن ته نقصان به آھن. پي ٽي آءِ جي اندر هڪڙي راءِ اھا آھي ته پارليامينٽ واپس وڃجي ته جيئن حڪومت کي قانون سازي ۾ واڪ اوور نه ملي. حڪومت نيب جي حوالي سان جيڪا قانون سازي ڪئي آھي ان سان انھن جا سمورا ڪيس ختم ٿي ويا آھن. حڪومت نيب چيئرمين کان ويندي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن تائين پنھنجا فيصلا ڪيا  آھن. هاڻي  جيڪڏهن نگران سيٽ اپ جو وقت آيو تڏهن به انھن جو نگران سيٽ اپ ايندو. جيڪڏهن پنجاب ۽ ڪي پي  ۾ به نه ھونداسين ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺي ٻاهر ويهڻ  جو به ڪهڙو  فائدو؟ جيڪڏهن اسيمبلي ۾ ھونداسين ته حڪومت وارن کي کليو ميدان نه ھوندو.

جڏهن  ته جيڪي  پارليامينٽ ۾ واپس  اچڻ جا حامي ناھن اھي سمجھن ٿا ته ھينئر جيڪا مقبوليت آھي اھا عوامي مقبوليت ئي سڀ ڪجهه آھي. ھي چار پنج مھينا گذري ويندا پوءِ پي ڊي ايم وارا اسان کي ڇا ڪري سگھندا. جيڪڏهن اسان واپس اسيمبلي وياسين ته اسان جي عوام جي آڏو حيثيت مذاق بڻجي ويندي. حڪومت تازو بلاول ڀٽو  جي صورت ۾ پي ٽي آءِ وارن کي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو  واري تقرير ۾ آخري وارننگ ڏني آھي ته اھي واپس اسيمبلي جي فلور تي اچن. مون جڏهن  پي ٽي آءِ جي وفد وارن کان پڇيو پئي ته انھن جو چوڻ ھو ته دعوت ڏيڻ جو طريقو ايئن ٿيندو آھي جيئن بلاول ڀٽو  ڏئي رھيو آھي؟ راجا پرويز اشرف واري پاسي واري سوچ وارا سياسي دماغ سوچي رھيا آھن ته عمران خان هاڻي  چئني طرفن کان ڦاسي چڪو آھي. عمران خان کي ڪنهن به صورت ۾ ڪو گس ملڻ نه گھرجي، ان ڪري حڪومت طرفان عمران خان لاءِ اھو واضح پيغام آھي ته اھي واپس اسيمبلي اچن، انھن جي ڪو به شرط تسليم نه ٿيندو. جڏهن  اھي واپس اسيمبلي ايندا ته پوءِ انھن سان ڳالهيون ٿينديون.عمران خان پاڻ به چوي ٿو ته مون کي اپريل مئي تائين چونڊون نظر نه ٿيون اچن. عمران خان ئي اھا ڳالهه  ڪئي آھي ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جون ڳالهيون ٿي رھيون آھن. ان کان اڳ ته جلدي چونڊن واري سوال تي مولانا فضل الرحمان چيو ھو ته اسان ته ھن حڪومت جو مدو وڌائڻ لاءِ سوچي رھيا آھيون. سوشل ميڊيا جي دنيا ته معاشي ايمرجنسي وارا ٽرينڊ ھلائي رھي آھي. چون ٿا ته رڳو 6 ارب ڊالر وڃي بچيا آھن. هاڻي  عوام کان وڌيڪ پريشان اشرافيا آھي، تنھن ڪري عمران خان کي ھر طرف کان هاڻي  انڪار وارو آپشن ئي نظر اچي رھيو آھي. عمران خان پنھنجي طرفان استعيفا وارو ڪارڊ آخري ڪارڊ طور اڇليو ھو پر سندس اهڙي ڪارڊ حڪومت کي ايترو پريشان ناھي ڪيو جيترو معاشي ۽ سيڪيورٽي واري صورتحال ڪيو آھي. مٿان وري عمران خان جون اهڙيون آڊيوز سامھون اچي رھيون آھن جنھن سان اھي ڳالهيون شروع ٿي ويون آھن ته جيئن نيب جي اڳوڻي چيئرمين جاويد اقبال جڏهن  پنھنجا اختيار استعمال ڪرڻ جو اشارو ڏنو تڏهن اهڙي وڊيو سامھون اچي وئي، جو عمران خان واري حڪومت خلاف وري جسٽس جاويد اقبال ڪجهه ڳالهائي به نه سگھيو. ساڳي طرح هاڻي  عمران خان کي سوال جي جواب ۾ سندس ئي آڊيو آڻي جواب ڏنو پيو وڃي. احسن اقبال گذريل ڏينهن  چئي رھيو ھو ته ھي عمران خان لاءِ مڪافات عمل آھي.

عمران خان هاڻي چون ٿا ته پارٽي کي ملڪ ۾ مھانگائي خلاف احتجاج ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي. اهڙي احتجاج سان حڪومت کي ڪو به ڪيرائي نه ٿو سگهي. حڪومت کي جنھن حوالي سان پريشاني آھي، ان حوالي سان شھباز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آھي، جنھن ۾ ملڪ اندر دھشتگردي واري شروع ٿيل نئين لھر ۽ معاشي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويندو. ملڪ جو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار چوي ٿو ته ملڪ ڏيوالي جو شڪار نه ٿيندو. هڪ ھفتو اڳ ته اسحاق ڊار ۽ مفتاح اسماعيل ھڪ ئي پارٽي ۾ ھوندي ھڪ ٻئي جي موقف کي رد ڪري رھيا ھئا، پر ھاڻي جيڪا حقيقت ھوندي اسحاق ڊار کي اھا اجلاس ۾ رکڻي پوندي.