اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب توشه خانه ڪيس جي فيصلي جي حوالي سان لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن. پڌرائي موجب الڪيشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جو فيصلو منجهند ٻه وڳي ٻڌايو ويندو. اليڪشن ڪميشن فل پروف سيڪيورٽي لاءِ اسلام آباد پوليس کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو ته  فيصلو ٻڌائڻ جي موقعي تي ڪارڪن ايندا، واضح رهي ته عمران خان جي نا اهلي لاءِ توشه خانه ريفرنس حڪمران اتحاد جي 5 قومي اسيمبلي ميمبرن جي درخواست تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪشن ڪميشن کي موڪليو هو. ريفرنس ۾ الزام لڳايو ويو هو ته عمران خان توشه خانه مان حاصل ڪيل تحفا وڪرو ڪري آمدني حاصل ڪئي ۽ اها اثاثن ۾ ظاهر نه ڪئي. آرٽيڪل 63 تحت داخل ڪيل ريفرنس ۾ عمران خان کي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نا اهلي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. عمران خان توشه خانه مان گهڙيون، لاڪيٽس ۽ ٻيو سامان وڪڻڻ جو الزام آهي.ريفرنس آگسٽ مهيني ۾ داخل ڪيو ويو هو.