عمران خان لانگ مارچ ڪڏهن ڪندو؟

0
227
عمران-خان-لانگ-مارچ-ڪڏهن-ڪندو؟

  هاڻي ايئن ته ڪونهي جو شهباز شريف ثمرقند کان واپس پهچي ملڪ ۾ چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ عمران خان پنهنجو ضد ڇڏي وڃي چونڊن جي تياريءَ ۾ لڳي. ظاهر آهي ته ايئن نه پيو نظر اچي، مريم نواز جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتي ته مون کانئس سوال ڪيو ته عمران خان چوي پيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيو ته ڳالهين جي لاءِ تيار آهيان، جنهن تي مريم نواز چيو ته جيڪڏهن چونڊون گھرجن ته پهريان ئي عمران خان کي چئو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏئي. مريم نواز عدالت جي ٻاهران بيهي ميڊيا سان مخاطب ٿي عدالت کي به گذارش ڪري رهي هئي ته اهو سوچيو وڃي ته هڪ شخص پهريان جيڪا ٻولي ڳالهائي ٿو ان کان پوءِ معافي گھري ٿو ته ڇا ان کي رڳو ان ڪري معاف ڪري ڇڏجي ته هو ڪير آهي؟ مريم نواز پنهنجي پارٽي جي دانيال عزيز، نهال هاشمي وارن جا مثال به ڏنا، جن کي معافي گھرڻ باوجود به نااهل ڪيو ويو. هونئن ته عمران خان به پنجاب ۽ ڪي پي  حڪومتون ڇڏڻ جو سوچي رهيو آهي ته جيئن حڪومت ايترو مجبور ٿي وڃي جو نئين چونڊن جو اعلان ڪري ڇو جو ضمني چونڊون هڪ ئي وقت ٻن صوبن اندر ڪرائڻ حڪومت لاءِ ممڪن نه هوندو.

اهو عمران خان جو خيال آهي پر عمران خان جي رڳو هڪڙي پارٽي تحريڪ انصاف هئڻ باوجود ايئن ئي منجھيل آهي جيئن ماضي قريب ۾ پي ڊي ايم وارا منجھيل هئا، مولانا فضل الرحمان سمجھي پيو ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلي هر جڳهه تان استعيفيٰ ڏئي عمران خان حڪومت کي ختم ڪرڻ تي مجبور ڪجي. مولانا وارن جي ڳالهه پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي وارن تسليم نه ڪئي جن جو خيال هو ته اسيمبلي اندر عدم اعتماد جي ذريعي عمران خان کي هٽائجي، اسيمبليءَ جو فلور ڪٿي به خالي نه ڇڏجي، پيپلزپارٽي جي وڪيلن سمجھايو ته جيڪڏهن صوبائي اسيمبلي تان استعيفيٰ ڏيندئو ۽ سينيٽ به خالي ڪندئو ته تحريڪ انصاف سينيٽ اندر اڪيلي پارٽي بڻجي پنهنجا سينيٽر چونڊرائي وٺندي، جنهن کان پوءِ جيڪڏهن چونڊن ۾ اسان جو به وزيراعظم آيو ته اهو ڪو به بل پاس ڪرائي نه سگھندو، هينئر اها ساڳي صورتحال عمران خان وارن جي آهي. هڪڙا چون ٿا پنجاب ۽ ڪي پي کي ڇڏيو ته هڪڙا چون ٿا ته ايئن نه ڪجو، سياسي نقصان ڪيترو ٿيندو اهو بحث ته الڳ آهي پر جيڪڏهن لانگ مارچ جي ضرورت پئي ته پوءِ ڇا ڪنداسين، ان ڪري حڪومت رکو. هڪڙا اهو به سوال اٿارين ٿا ته قومي اسيمبليءَ مان استعيفيٰ اسپيڪر جي سامهون اعلان ڪرڻ جي هينئر تائين مڪمل منظور ته نه پيون ٿين جيڪي ٿيون آهن انهن تي به ننڍي چونڊ پئي ٿئي ۽ ان چونڊ ۾ اسان پاڻ به حصو وٺي رهيا آهيون، تنهن ڪري استعيفيٰ جو فائدو ڪهڙو ٿيو. هوڏانهن صدر عارف علوي به لڳو پيو آهي ته ماضيءَ کي ڇڏيو، اڳتي جون ڳالهيون ڪريو ته ڳالهين کي اڳتي وڌايون، سهيل وڙائچ جھڙا صحافي لنڊن مان به ٿي آيا آهن، ميان نواز شريف سان ملاقات کان پوءِ صدر عارف علوي سان به مليا آهن، جنهن کان پوءِ صدر عارف علوي ڳالهيون پيو ڪري.

ٻئي طرف عمران خان جنهن مزاحمتي تحريڪ کي تيز ڪرڻ جو خيال دل ۾ کڻي روڊن تي نڪتو هو تنهن عمران خان جو ڪنٽينر اسلام آباد جي ايف نائين پارڪ اسلام آباد واري جلسي ۾ ته ضرورو پهتو هو پر ان کان پوءِ عمران خان اهڙو اچي قانوني معاملن ۾ سوڙهو ٿيو آهي جو سندس جونيئر وڪيلن جي جڳهه به اچي حامد خان جھڙن سينيئر وڪيلن سنڀالي آهي، جتي اهي وڏي ڪوششن ۾ آهن ته عمران خان کي ڪهڙي به طرح توهين عدالت جي ڪيس ۾ بچائجي، پهريان ته وڪيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي دائره اختيار کي ئي چئلينج پيا ڪن، اهي اليڪشن ڪميشن کي به توهين عدالت ڏيڻ جو مجاز نه پيا سمجھن، عمران خان مارگلا ٿاڻي پهچي انويسٽيگيشن جو حصو بڻجن لاءِ تيار نه هو پر هاڻ عمران خان انويسٽيگيشن جو حصو بڻجڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪيو، اهو به ايس ايس پي آڏو، اوهان کي ياد هوندو ته هي ڪيس زيبا چوڌري جج صاحبه کي ڌمڪيون ڏيڻ جو آهي، جنهن کي دهشتگرديءَ جي ڪيس طور متعارف ڪرايو ويو آهي پر ساڳي تقرير ۾ عمران خان پوليس وارن کي به بخش نه ڪيو هو. آءِ جي اسلام آباد کان ويندي هر آفيسر کي چيو هو ته توهان کي ڏسي رهندس، پر هاڻ انهن آفيسرن جي آڏو پيش ٿيو، ظاهر آهي ته اتي آفيسرن کي ڏٺو به هوندائين.

عمران خان توهين عدالت جي ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻه ڀيرا جواب جمع ڪرايو آهي، ٻئي ڀيرا جواب قابل قبول ناهي رهيو، هاڻي چوي پيو ته جيڪڏهن ڳالهائڻ جو موقعو ملي ها ته معافي به گھران ها، اليڪشن ڪميشن ۾ به جواب جمع ڪرايو ويو آهي پر اليڪشن ڪميشن به جواب مان خوش ناهي، اليڪشن ڪميشن به عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ گھرائي ورتو آهي، جڏهن ته انسداد دهشتگردي عدالت به عمران خان کي “فوري پهچو” جو حڪم ڏنو ته اتي به پهچي ويو. هاڻي عمران خان اهو آهي جيڪو ٿاڻن تي به پهچي پيو ته عدالت ۾ به پاڻ کي پيش ڪري پيو، عمران خان پنهنجو پاڻ کي قانون جي آڏو پيش ڪري ڇڏيو آهي، معافي گھرڻ جو اشارو به ڏئي ڇڏيو آهي، شهباز گل کي به ضمانت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ئي ڏئي ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ئي چيو آهي ته عمران خان تي ڪيس دهشتگرديءَ جو ته نه ٿو ٺهي ان جو مقصد ته اها ايف آءِ آر به خارج ٿي سگھي ٿي.

مريم نواز به ساڳئي ڏينهن تي ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو بيهي چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان جا ڪوچ پوئتي هٽي وڃن ته عمران خان ٽن ڏينهن جو قصو آهي، سياسي طور عمران خان مريم نواز کي طاقتور تسليم ڪرڻ وارن سوالن کي ئي فضول سوال پئي سمجھيو. ان ڪري بني گالا عمران خان وارا ايترا منجھيل آهن جو انهن کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته اهي قومي اسيمبليءَ ۾ واپس وڃن، موجوده حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪن يا احتجاج ڪن؟ پنجاب ۽ ڪي پي  مان استعيفيٰ ڏئي لانگ مارچ ڪن ڇا ڪن؟ عمران خان تازو پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته استعيفيٰ ته ڏجي پر پوءِ جيڪي اچن ٿا اهي اسان جي ماڻهن سان شهباز گل جھڙو حشر ڪن ٿا، هاڻي عمران خان کان اهو به پڇجي ته عمران خان کي پنجاب ۽ ڪي پي جي حڪومت تي اعتماد آهي يا عوام تي؟ ته عمران خان چوي ٿو ته جيڪڏهن چاهيان ته عوام روڊ رستن تي نڪري ايندو، هي حڪومت هلائي ڪونه سگھندا، جڏهن ته ٻئي طرف عمران خان وارا اهو به سمجھن پيا ته پنجاب ۽ ڪي پي اندر حڪومت نه رهي ته لانگ مارچ اهڙو ئي ٿيندو جھڙو پهريان ٿيو هو.

هاڻ عمران خان نومبر واري مهيني ۾ ڦاسي پيو آهي، چوي پيو ته نومبر کان اڳ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪريو، تيستائين آرمي چيف جي مقرري به ايندڙ حڪومت تي ڇڏيو، عمران خان نومبر کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناهي، سندس خيال آهي ته جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پوءِ لانگ مارچ ٿيندو. رانا ثناءُ الله جھڙا وفاقي وزير به روز عمران خان جي گرفتاريءَ واريون ڳالهيون کڻي ڪابينا واري اجلاس ۾ پهچن ٿا پر شهباز شريف واري ڪابينا به فارين فنڊنگ ڪيس کان ويندي دهشتگردي واري ڪيس تائين تحريڪ انصاف خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. هينئر به جڏهن شوڪت ترين، محسن لغاري وارن جي آڊيو ليڪ ٿي جنهن ۾ شوڪت ترين روڪي رهيو هو ته آءِ ايم ايف وارن سان معاهدو نه ڪجو، ان تي به وفاقي وزيرن چيو ته هاڻ حد ٿي وئي آهي پر پوءِ اها حد به پار ٿي وئي، آءِ ايم ايف وارن سان معاملا به سلجھي ويا، هاڻ صورتحال اها آهي جو وفاقي حڪومت چوي ٿي ته جيڪڏهن عمران خان اسلام آباد بند ڪرڻ آيو ته پوءِ رڳو گرفتار نه ٿيندو پر دمادم مست قلندر ٿي ويندو يا بقول مريم نواز جي ته ٽن ڏينهن جي ڪهاڻي آهي. هوڏانهن عمران خان وارا به بني گالا ۾ گرفتاريءَ کان پوءِ واري پلان جون تياريون به ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته صدر عارف علوي “اچو ته ڳالهايون” واري دعوت به ڏئي رهيو آهي، هاڻ ڏسجي ته جيئن عمران خان عدالت اندر معاملي کي معافي تائين آندو آهي ايئن چونڊون به پنهنجي وقت تي يا گھٽ ۾ گھٽ اعلان نومبر کان پوءِ واري ڳالهه تسليم ڪري ٿو يا وري لانگ مارچ لاءِ ٿو نڪري؟