عمران خان لانگ مارچ جو اعلان ڇو نه ٿو ڪري ؟

0
164
تخت لاهور جي لڙائي

 هڪڙي پاسي چيو پيو وڃي ته لانگ مارچ جون تياريون آخري مرحلي ۾ آهن ته ٻئي پاسي ساڳئي وقت اهي به خبرون آهن ته بيڪ  ڊور ڳالهيون به حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. لانگ مارچ جي حوالي سان ته عمران خان چئي ڇڏيو آهي ته آڪٽوبر کان اڳتي نه ويندو، مطلب لانگ مارچ جي تاريخ آڪٽوبر ۾ ئي ڏبي، عمران خان جيڪو بني گالا  ۾ پنهنجي پارٽي جي سينئر قيادت سان ان لانگ مارچ جي حوالي سان اجلاس ڪيو آهي ان ۾ حڪومت کي چيو ويو آهي ته عام چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ لانگ مارچ جو اعلان ٿيندو، ٻئي طرف عمران ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي آهي ته ڳالهيون ته هلن ٿيون پر ڳالهين ۾ نتيجو هينئر تائين سندس مطابق ناهي. ان کان اڳ ايوان صدر ۾ عمران خان جي جيڪا اهم شخصيت سان ملاقات ٿي هئي ان حوالي سان به چيو پيو وڃي ته عمران خان کي ان ملاقات ۾ مايوسي ملي هئي. هينئر به بني گالا ۾جيڪا عمران خان پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو ان ۾ سندس چوڻ هو  ته جڏهن کان اسلام آباد ۾ هي شخص آيو آهي تڏهن کان گرفتاريون ٿي رهيون آهن. عمران خان جي انهن بيانن جو مقصد اهو آهي ته عمران خان لانگ مارچ ۽ چونڊن جي تاريخ جي وچ واري مرحلي ۾ اٽڪيل آهي  هينئر جيڪو عمران خان سرگوڌا يونيورسٽي ۾ خطاب ڪيو آهي ان ۾ عمران خان جو لهجو نرم تصور ڪيو پيو وڃي اهو به نوٽيس ڪيو ويو آهي ته عمران خان هن خطاب کانپوءِ حلف ناهي کڻايو. هاڻي جيڪي بيڪ ڊور ڳالهين ۾ دلچسپي رکن ٿا انهن جي خيال مطابق ته عمران خان هر خاص ماڻهو سان ملڻ لاءِ تيار آهي پر عمران خان ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وارن سان ملڻ لاءِ تيار ناهي. عمران خان جي سياست کي ويجهو کان سمجهندڙن جو خيال آهي ته عمران خان مذاڪرات جي نالي تي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ چاهي ٿو.

جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هينئر تائين شايد چونڊون ٿي به وڃن ها. شهباز شريف وارن لاءِ ته چيو پيو وڃي ته عمران خان کي هٽائڻ کانپوءِ نئين حڪومت جي اچڻ سان ئي شهباز شريف وارا چونڊن جو اعلان ڪرڻ وارا هئا جنهن دوران ئي عمران خان ساڳيو ماحول پيدا ڪري چڪو هو،عمران خان اهو سمجهيو ته چونڊن جي اعلان سان اهو تاثر ويندو ته سندس دٻاءُ ۾ اچي حڪومت گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن جنهن ڪري حڪومت ٻيو رستو اختيار ڪندي مهانگائي وارا ڏکيا فيصلا ڪري به حڪومت کي هلايو. مفتاح اسماعيل ته ويو ان جي جڳهه تي اسحاق ڊار آيو پر  ن ليگ جي اتحادي حڪومت برقرار آهي.

ان جو هڪڙو مقصد اهو ٿيو ته عام چونڊن واري راهه ۾ عمران خان پاڻ ئي وڏي رڪاوٽ آهي هينئر به عمران خان نواز شريف کان ويندي آصف زرداري تائين ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. هونئن ته ملڪ رياض واري آڊيو ليڪ سمجهائي رهي آهي ته عمران خان ان وقت آصف زرداري سان ڳالهين لاءِ رابطي جي ڪوشش ڪئي جڏهن بقول آصف زرداري جي ان آڊيو ليڪ ۾ چيل جملي جي ته هاڻي ته وقت گذري ويو آهي. هينئر به رڳو ڳالهيون ڪرائڻ وارا ئي عمران خان کي اهو مشورو نه ٿا ڏين ته ڳالهيون ڪريو پر اعتزاز احسن به عمران خان کي چيو ته ڳالهين لاءِ شائستگي ضروري آهي،بلڪل ايئن جيئن آصف زرداري يا بلاول ڀٽو اختيار ڪئي آهي. اعتزاز احسن هينئر ئي چيو ته مان پيپلز پارٽي جو حصو آهيان پر عمران خان به منهنجو دوست آهي. چوڌري شجاعت به هڪ ئي وقت ضمني چونڊون کڻڻ تي عمران خان کي به مبارڪون پيو ڏي  ته ساڳئي وقت پيپلز پارٽي جي آصف زرداري کي به  پنهنجو ٿو سمجهي، جنهن جو مقصد ته جيڪڏهن عمران خان کي هن سڄي سياسي مونجهاري مان نڪرڻو آهي ته پوءِ بلڪل آخري وقت ۾ ملڪ رياض جو سهارو وٺڻ بجاءِ چوڌري شجاعت جيان مبارڪون ٻنهي پاسي پهچائيندڙ ڪنهن مفاهمتي جو سهارو وٺي هاڻي ئي مسئلي کي حل ڪري، پر عمران خان ان ڳالهه تي هينئر تائين راضي ناهي. سندس خيال موجب ته احتساب جو بيانيو رکڻ کانپوءِ آصف زرداري سان ڳالهين جو مقصد اين آر او ڏيڻ هوندو جيڪڏهن عمران خان ڳالهين کي چونڊن سان مشروط ڪري شروعات به ڪري ٿو تڏهن به کيس آصف زرداري وارن سان ڳالهائڻو پوندو. جيڪڏهن عمران خان ايندڙ حڪومت کي سامهون رکي اتحادي واري سوچ کي وسعت ڏئي ٿو تڏهن به نواز شريف جي مقابلي ۾ ڳالهين جا در آصف زرداري واري پاسي ئي کلندي نظر اچن ٿا، ان ڪري قادر پٽيل جهڙا پيپلز پارٽي وارا چون ٿا ته عمران خان جي سياست جو مستقبل آصف زرداري طئي ڪندو.

عمران خان جي سوچ اها ناهي عمران خان هي جيڪو اڪيلي سر هر تڪ تي پاڻ ئي چونڊن وڙهڻ جو اعلان ڪيو هو ان جو مقصد اهو پيغام ڏيڻو هو ته ملڪ ۾ مقبول ترين اڳواڻ مان آهيان ان ڪري اهم مقرري سميت سمورا فيصلا ڪرڻ جو اختيار به مون کي ئي هجڻ گهرجي، ان ڪري سندس ذهن ۾ صدارتي نظام وارو چڪر به هلندڙ هو. عمران خان هينئر به سمجهي ٿو ته جيڪڏهن عام چونڊون ٿين ٿيون ته سندس پارٽي جي ڪاميابي جي سطح ايتري هوندي جو کيس ڪنهن اتحادي جي ضرورت به نه پوندي پر سندس پارٽي اندر ٻي راءِ به آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ هر تڪ تي عمران خان پاڻ اميدوار نه هوندو ملتان واري سيٽ جيان شڪست به اچي سگهي ٿي.

هاڻي جتي جتي ڳالهيون هلن پيون اتي اهي خبرون به پهچن پيون ته نواز شريف، مريم نواز، آصف زرداري، عمران خان کي نه رڳو انصاف ملي چڪو آهي پر عمران خان کي پارليامينٽ واپس وڃڻ جا مشورو به انهن ئي انصاف ڏيندڙ ادارن وٽان ئي ملي رهيو آهي جيڪڏهن عمران خان اهي ڳالهيون دل سان سمجهي ٿو ته پوءِ پارليامينٽ واپس ويندو، اليڪشن ڪميشن سميت عام چونڊن جي قانوني گهرجن کي حڪومت سان ويهي حل ڪندو نگران وزيراعظم کان ويندي صوبن ۾ نگران سيٽ اپ تي به سياسي پارٽين سان ويهڻو پوندو. ساڳئي وقت اسٽيبشلمينٽ سرڪار سميت جنهن کي به مخاطب ٿيندو ان کي آئيني دائره اندر ئي مخاطب ٿيڻ جو مشورو آهي پر فواد چوڌري وارا چون ٿا ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ته پوءِ هر شيءَ تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. فواد چوڌري جي ڳالهه جو مقصد چونڊن جي تاريخ به اهڙي هجي جنهن کانپوءِ اهم مقرري جو اختيار شهباز شريف وٽ باقي نه رهي، جيڪڏهن عمران خان جون ڳالهيون تسليم ڪيون وينديون تڏهن به عمران خان ڏيکاءُ خاطر لانگ مارچ ڪري اسلامآباد جي ڊي چوڪ بجاءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي مان ڏيندي ايچ نائين پارڪ ۾ جلسو به ڪندو، پارليامينٽ به واپس ويندو. ٻي صورت ۾ ڳالهين جي ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ رانا ثناءَ الله وارو دما دم مست قلندر ٿيندو.