عمران خان لانگ مارچ اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪري رهيو آهي: مريم نواز

0
183
عمران خان ثبوتن سان

لاهور: نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان لانگ مارچ حڪومت خلاف نه پر اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪري رهيو آهي،  عمران ان چيو ته مان مير جعفر ۽ مير صادق کي سڃاڻي ورتو آهي، عمران خان اهو سڀ ڪجهه حڪومت کي نه پر اسٽيبلشمينٽ کي چئي رهيو آهي

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان ڪهڙي آزادي چاهي ٿو،پي ٽي آءِ چيئرمين ڪرسي ۽ فرح گوگي جو نالو آزادي رکيو آهي، عدليه کي احترام سان چوان ٿي، اِها روايت نه وجهو، جيڪو شخص سڀ کان وڌيڪ ادارن کي گاريون ڏيندو، فيصلا به اُن جي حق ۾ هوندا، قوم جي حق ۾ فيصلا ڪريو

مريم نواز چيو ته عمران خان عوام کي ڏنڊا کارائڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن آزادي جي تحريڪ آهي ته پنهنجا ٻار وٺي اچو، نه ته آزادي جو راڳ الاپڻ بند ڪيو، پنهنجا ٻار لنڊن ۾ ويهاري ويٺا آهيو ۽ پاڪستاني قوم جي ٻارن کي روڊن تي نڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهيو

هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ پوليس ڪانسٽيبل کي سڌي گولي هنئي، پاڪستان کي سريلنڪا بڻائڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي، پي ٽي آءِ جي مارچ جي مقصد ۾ شڪ شهبن جي گنجائش ناهي رهي