مٽياري: سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ ايم اين اي مٽياري مخدوم جميل الزمان عمران خان کي قومي ليڊر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مٽياري ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراهه حاجي عبدالرزاق ميمڻ جي وفات تي سندن ڀاءُ حاجي نياز ميمڻ ۽ پٽن شھزاد ميمڻ،  شھزور ميمڻ، جگنو ميمڻ، عبدالشڪور ميمڻ، عبدالقادر چينو ميمڻ، صدام ميمڻ سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم جميل الزمان جو چوڻ ھو ته مٽياري ميگا ڪرپشن اسڪينڊل مٽياري لاءِ انتھائي ڳڻتي جوڳو آهي ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن خلاف شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته اها رقم ان پراجيڪٽ تي خرچ ٿيڻ گهرجي. هتان جا روڊ رستا ٽٽل آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ سروري جماعت ٻئي منهنجون جماعتون آهن. سروري جماعت منهنجي وڏڙن جي ڏنل امانت آهي ۽ پيپلزپارٽي ۾ منهنجي وڏڙن جون قربانيون شامل آهن. هن چيو ته عمران خان قومي ليڊر آهي جيئن نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري قومي ليڊر آهن. عمران خان جي سياست بابت راءِ ڏيڻ سان راڄن کي ڪاوڙ لڳندي. دل جي ڳالهه ڪندس ته منهنجا پنهنجا ڪاوڙجي پوندا . هن چيو ته اسلم پيرزادو کي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت نه ڪرائڻ گهرجي ها. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان جي ڳالھه نه ٿي ٿئي ته سنڌ جي ڳالھه ڪٿان ٿيندي.