عمران خان عوام جي جان ڇڏي ڏيو  ۽ جيڪا ٿوري عزت بچي آهي سا بچائي ھليا وڃو: مريم نواز

0
266

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان عوام جي جان ڇڏي ئي ۽ جيڪا ٿوري گھڻي عزت بچي آھي اھا بچائي ھليو وڃي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته اها ئي نيب جيڪا روز ٻڌڻي جي درخواست ڪندي هئي اها هاڻي ٻڌڻي ملتوي ڪري رهي آهي، نيب وٽ منهنجي خلاف ڪو ثبوت ناهي، نيب ڪوڙ ڳالهايو هو، ان ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي

هن چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته هاڻي ڪو پي ٽي آءِ جو ٽڪيٽ هولڊر هوندو، منهنجو مشورو آهي ته پي ٽي آءِ ٽڪيٽون خريد ڪرڻ وارن کي هيلمٽ ضرور پائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽون بي عزتي جي نشاني آهن

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته هي حڪومت هڪ کانپوءِ ٻي ضمني چونڊ هارائي رهي آهي، هي پهرين سٽنگ حڪومت آهي جيڪا هڪ کانپوءِ ٻي ضمني اليڪشن هارائي، اهي لاهور ۾ ان کي منهن نه ڏئي سگهيا، کين الوداع چئو ۽ وڃڻ ڏيو، عمران خان کي وڃڻ ڏيو. ماڻهن جي زندگين کي بچايو ۽ هن کي ٿوري جيڪا عزت آھي اھا بچائي ھليا وڃن

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت عوام کي مهانگائي جي دٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي ۽ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي

مريم نواز چيو ته شهباز شريف اسان جي پارٽي جو صدر آهي ۽ هو تمام سينيئر آهي، وقت اچڻ تي پارٽي فيصلو ڪندي، پارٽي جي سمورن اڳواڻن نواز شريف کي فيصلي جو اختيار ڏنو آهي ، وقت ايندو تھ اسان سڀ شهباز شريف سان گڏ بيهنداسين ۽ سندس حمايت ڪنداسين

هن چيو ته نواز شريف وطن واپسي لاءِ بي چين آھي آهي، سندس ملڪ سندس سرزمين آهي، هو جلد واپس ايندو

ن ليگ اڳواڻ چيو ته ڪي پي جي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي تي مولانا فضل الرحمان کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، مولانا جي فتح اسان جي فتح آهي