سکر(بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو سکر احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان گهٻرائي رهيو آهي، عدالتي حڪمن باوجود پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، عمران خان ناقابل ضمانت جي گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد به عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، آصف علي زرداري، نواز شريف سميت ٻيا سياستدان طلب ڪرڻ تي عدالت آڏو پيش ٿيندا آهن، عمران خان کي به گرفتاري ڏيڻ گهرجي.