عمران خان طرفان پهريون ڀيرو حڪومت کي ڳالهين جي مشروط آڇ

0
285
حڪومت کي ڳالهين جي مشروط آڇ
عمران خان طرفان پهريون ڀيرو حڪومت کي ڳالهين جي مشروط آڇ

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پهريون ڀيرو حڪومت کي ڳالهين جي مشروط آڇ ڪئي آهي
عمران خان چيو ته حڪومت کي موقعو ٿا ڏيون، اسان سان ويهي ڳالهيون ڪيو ۽ اليڪشن جي تاريخ ڏيو
پنجاب جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اليڪشن جي تاريخ نه ملي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جون اسيمبليز ٽوڙي ڇڏينداسين
هن چيو ته حڪمران اليڪشن جي تاريخ جو نالو نه پيا وٺن، حڪمران عام چونڊن کان ڊنل آهن، عوام مهانگائي سبب حڪمرانن مان بيزار ٿي چڪو آهي
عمران خان چيو ته حڪومت وٽ معيشت ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪو به روڊ ميپ نه آهي، ملڪ ڊفالٽ ڏانهن وڌي رهيو آهي، اسحاق ڊار چپ ڪري ويهي رهيو آهي

ھي به پڙھندا

نئين آرمي چيف تي تنقيد نه ڪيو: عمران خان سوشل ميڊيا ٽيم کي روڪي ڇڏيو

سينيٽر اعظم سواتي بلوچستان پوليس ھٿان گرفتار

جنرل فيض حميد جي رٽائرمينٽ منظور

عمران خان ۽ پرويز الاهي وچ ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ صلاح مشورا