عمران خان صاحب، اوهان ملڪ ۾ باهه لڳائڻ چاهيو ٿا: سُڌ سماء وارِي وفاقي وزير مريم اورنگزيب

0
217
اوهان ملڪ ۾ باهه لڳائڻ چاهيو ٿا:
عمران خان صاحب، اوهان ملڪ ۾ باهه لڳائڻ چاهيو ٿا: سُڌ سماء وارِي وفاقي وزير مريم اورنگزيب

عمران خان صاحب، اوهان ملڪ ۾ باهه لڳائڻ چاهيو ٿا، پاڪ فوج خلاف اوهان پاڻ ويڙهه شروع ڪئي آهي، جيڪي نفرت جا ٻج پوکيا اٿئو، اُهي ئي لُڻَي رهيا آهيو

سُڌ سماء وارِي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جِي پوري سياست فتنَي ۽ ڏڦير تي ٻڌل آهي، پي ٽي آءِ کي عمران خان ئي نقصان پهچايو آهي، اوهان چئو ٿا ته ادارا مداخلت ڪن، ادارا نيوٽرل رهن ته اوهان انهن کي جانورن سان تشبيهه ڏيندا آهيو

اوهان جَي چيف آف اسٽاف ماڻهن کي بغاوت تي ڀڙڪايو، اوهان جو لکيل بيان پڙهيو، اوهان شهيدن خلاف سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم هلائِي، سمورا حڪم بني گالا مان اچي رهيا هئا