ملتان (م ڊ) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان سياست لاءِ نه عوامي خدمت لاءِ ٽيليٿون ڪندو آهي، عوام جو مٿس اعتماد آهي، سندس چوڻ تي عوام ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيا ڏنا. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ٻوڏ سيٽلن لاءِ گڏ ڪيل پيسو مستحقن تائين پهچائڻ لاءِ نگراني ڪري رهيا آهيون، ملڪ توڻي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين عمران خان جي اڪائونٽ ۾ پيسا موڪليا پر وزيراعظم جي اڪائونٽ ۾ نه موڪليا .