عمران خان سان گڏ ورتل سيلفي سڀ کان وڌيڪ پسند آهي: حريم شاهه

0
324
عمران خان سان گڏ ورتل

ڪراچي(م ڊ) مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه وزيراعظم عمران خان سان گڏ ورتل سيلفي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، حريم شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ويب شو ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پروگرام جي ميزبان پڇيو ته توهان جي پسنديده سيلفي ڪهڙي آهي، جنهن تي حريم شاهه جواب ڏنو ته عمران خان سان جيڪا سيلفي ورتل آهي اها منهنجي پسنديده آهي

حريم شاهه چيو ته مان پاڪستان تحريڪ انصاف واڳيل آهيان، اسان عمران خان سان ملاقات لاءِ بني گالا  سندس رهائشگاهه ويا هئاسين، عمران خان منهنجي لاءِ قابل احترام آهي، ان جي ڪلهي تي هٿ رکي سيلفي ٺاهڻ تي ماڻهو گهڻيون ڳالهيون ڪيون هيون

ان کان علاوه حريم شاهه پروگرام دوران  ”کاڌو پاڻ گرم ڪريو“ جي نعري تي چيو ته مڙس جي خدمت ڪرڻ عورت جي ذميواري آهي، جيڪڏهن توهان کي مڙس کي کاڌو نٿا ڏئي سگهو يا مڙس جا ڪپڙا نٿا ڌوئي سگهو ته پوءِ شادي هرگز نه ڪيو

حريم شاهه وڌيڪ چيو ته عورت کي ڪم ڪرڻ، تعليم حاصل ڪرڻ يا جيون ساٿي جي چونڊ ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

فاروق ستار سان ملاقات اتفاقي نه ھئي، ھُن جي گھرائڻ تي ڪراچي آيس: حريم شاھ